درزي ننڍو

درزي ننڍو

درزي ننڍو

درزي ننڍو (پکي: (Laceus Manyar/ Streak weaver: هي پکي سڄي سنڌو ماٿريءَ ۾ ۽ ان جي ويجھن جبلن ۾ ٿئي ٿو. هن پکيءَ جو جسم 14 سينٽي ميٽر ٿئي ٿو، هندستان ۾ اهو پکي هر هنڌ پر نهايت اقليت ۾ ٿيندو آهي. نر پکيءَ جي چوٽي سنهري ۽ هئڊي ٿئي ٿي، لڳ جي مند ۾ نر کي سنهري هئڊي چوٽي ٿيندي آهي. منڍي، چهنب ۽ ڳچيءَ کان ڪنڌ ۽ ڪياڙيءَ تائين گهري ناسي هوندي اٿس. عام طور تي نر، مادي ۽ ٻچي جي جسم تي اندرئين پاسي گھڻا لينگھا ٿيندا اٿس. ننڍو درزي ڏسڻ ۾ وڏي درزي جهڙو ٿئي ٿو، البت ان جا لينگھا ڪجھه وڌيڪ گهرا هوندا آهن. هي پکي نرم لهجي سان ’سي.... سي......سي.....‘ جي ٻولي ٻوليندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٽري ٽري......... يا چرڙ چرڙ.......... ياق چرٽ چرٽ............... پڻ ڪندو آهي. هن پکيءَ جو تقريبن سڀئي خصلتون وڏي درزيءَ جهڙيون ٿينديون آهن. گل ۽ نرم گاهه وغيرهه کائيندو آهي. ڪن مندن ۾ سيلابي مند ۾ تيلائين گاهه وارن علائقن ۾ وڃي رهندو آهي. سڄي هندستان ۾ علائقن جي حساب سان فيبروري کان آڪٽوبر جي وچ ۾ لڳ ڪري ٿو، هن جو آکيرو وڏن درزين کان ڪجھه مختلف ٿئي ٿو. هي پکي پائيدار علائقن ۾ وڻن تي ٽڙ پکڙ يا ڪڏهن ڪڏهن وڏين ڪالونين ۾ ڪنهن بنگلي يا گھر جي ڪنڊ ۾ آکيرا جوڙيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو